GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۾ سعودي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ سعودي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ عملدرآمد جي شروعات خوش آئنده ڳالهه آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو مشير محمد بن التويجري کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو منعقد ڪرڻ سان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي سوچ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، سمٽ ۾ شموليت تي اسان کي دلي خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اهم ۽ ڪارائتي ملاقات ٿي، ان ملاقات سان سعودي ولي عهد جي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام سان گهري وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن آءِ ايم ايف سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو آخري پروگرام هوندو، انشاءَ الله ان کانپوءِ اسان سخت محنت، ڪوششن ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش ائنده آهي ته اڄ ۽ ڪالهه جي ملاقاتن ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کانسواءِ وڌيڪ معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي، اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ڪجهه معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪا وڏي خبر آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ انهن معاهدن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري ٻيهر پنهنجي گهر ايندو، ان دوري کان اڳ اسان کي انهن معاهدن تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي عظيم ٽيم سان گڏجي اسان معاهدن جي نظام الاوقات تي عملدرآمد ۾ ڪامياب ٿينداسين، مون کي اميد آهي ته اڳئين ڀيري جڏهن آئون سعودي عرب ايندس ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ وڌيڪ سٺين خبرن سان گڏ ايندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي اڳتي وڌندا ۽ متحد ٿي ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ڀاءُ عزيز ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي قيادت ۾ نه رڳو پاڪستان پر مسلمان امت جي عوام جي لاءِ قدم جاري رهندا. وزيراعظم چيو ته 25 لک پاڪستانين جي ميزباني تي اسان سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون، اهي پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام کي هڪ خاندان وانگر قرار ڏيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب جي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت تيار ڪرڻ جي قابل ٿيون جنهن سان نه رڳو سعودي عرب جي ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي پر ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو به ادا ڪرڻ جا قابل ٿينداسين. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني تي اسان کي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ڪالهه ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات کانسواءِ آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، پاڪستاني وزيراعظم فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو کي اهم خطاب ڪيو ۽ سڄي دنيا مان آيل سيڙپڪارن ۽ بزنس ليڊرن کي پنهنجي خيالن ۾ شريڪ ڪيو. هن چيو ته اربع ڏينهن محمد التويجري جي قيادت ۾ پاڪستان سان ورڪنگ سطح جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا جيڪي اڳ ۾ به بلند آهن کي وڌيڪ نئين بلندين تائين پهچائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڳالهه ٻولهه م معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سعودي عرب لکين پاڪستانين جو گهر آهي. هن چيو ته 3 هفتا اڳ سعودي سيڙپڪاري وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان جي قيادت گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ اسان جي شاندار ميزباني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۽ ويزن جي روشني ۾ اسان تيزي سان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي دوري دوران 2.2 ارب ڊالر ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحون ٿيون هيون جيڪا رڳو هڪ شروعات آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه کانپوءِ انهن معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي جڏهن ته ان جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته 5 معاهدن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان مان زراعت سان لاڳاپيل روانگي واپار پڻ شروع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ 5 معاهدن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعلان لاڳاپيل ڪمپنيون ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ زراعت، توانائي ۽ مينوفيڪچرنگ بابت معاهدا ٿيا هئا، صحت جي شعبي ۾ پڻ پاڪستان سان تعاون جاري آهي ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني ورڪرن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان مان 300 طبي افرادي قوت سعودي عرب ايندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ عالمگير ڊيجيٽل اسپيس جي حوالي سان پوري دنيا جون نظرون سعودي عرب تي آهن، اسان پنهنجي ڊيجيٽل اسپيس ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شموليت جا منتظر آهيون، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي دوري ۽ سندس ويزن ۽ سڌارن ۽ سعودي ولي عهد جي هدايت موجب پاڪستان انهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندو. هن چيو ته ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان کي ترجيحي حيثيت ڏني آهي ۽ پاڪستان سان مسلسل رابطن جي لاءِ هن محمد التويجري کي ذميواريون ڏنيون آهن. سعودي عرب جي ٽيم جي پاڪستان جي ٽيم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان رابطا قائم آهن. هن چيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزارت ۾ به هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير سان رابطي ۾ آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں