اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته ضلعي سطح تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي جي لاءِ تنظيمي ڍانچي جي نئين سر ??وڙ??ڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي راندين ?? نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن??ڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي پاڪستان اسپورٽس ??ورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ۾ راندين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ويزن جي روشني ۾ نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪن??ي چيو ته پاڪستاني اسپورٽس ??ورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين سر ??وڙ??ڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪن??لٽنٽس ??ي سفارشن جي روشني ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ راندين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري جي اسپيشل آڊٽ ۽ انتظام?? معاملن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ نمايان بهتري جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪن??ي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپورٽس ??ورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق رانديگرن کي گرانٽس ??ي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي