اسل??م آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو، چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي فنڊز استعمال ٿين انهن ۾ شفافيت هجي، مخالف ڌر ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي لاءِ قانونسازي بڻائي رهيا آهيون، جمهوريت جو مقصد احتساب هجڻ گهرجي،. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، وزيراعظم عم??ان خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڪراچي پلان جي وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو، هن چيو ته بلاول چوي ٿو ته سنڌ ۾ 1800 ارب روپيا لڳايا پر ڪٿي نظر نه اچي رهيا آهن، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، عوام جو پئسو لڳائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ شفافيت هوندي، هڪ سوال تي وفاقي ??زير چيو ته اسان صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪريون ٿا، 18 هين ترميم جي ڪري مداخلت نٿا ڪري سگهون، مدد ڪري سگهون ٿا.