لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار چيو آهي ته تنقيد براءِ تنقيد ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن، اهڙن عنصرن جي ذاتي مفادن جي ايجنڊا آه??، اسان جو ڪم ۽ مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، آئو?? عوام جي حقن جو نگهبان آهيان، ڪنهن کي عوام جي مفادن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات ۾ ڪيو.