اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشر?? جي خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قا??وني ٽيم جي مشاورت سان حڪومت پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي، حڪومت انصاف سان گڏ بيٺل آهي، سنگين غداري ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو مشرف ج?? وڪيلن کي ڪرڻو آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ”صحافين جو ڪردار ۽ مستقبل جا چئلينجز“ جي عنوان س??ن ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.