اسلام آبا??-16 ??ڪٽوبر (اي پي پي) ايران جو صنعت ۽ واپار وارو وزير سيد محمد عطا بيڪ شنگهائي تعاون تنظيم ج?? حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪست??ن پهچي ويو. افغانستان ۽ اولهه ايشيا لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري احمد نسيم وڙائچ نور خان ايئر بيس تي معزز مهمان جي شاندار آج??ان ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر ايران جو سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پُڻ موجود هو. روايتي لباس پهريل ٻارڙن مهمانن کي دگلدستا پيش ڪيا.مهمانن جي آج??ان لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. ان موقعي تي تقريب جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.