اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) ??اڪ??تان چيو آهي ته آمريڪي ??يو??ن نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ??يو??ن نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته ??اڪ??تان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها ??اڪ??تان جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي طور تي پنهنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان گ??يل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادو?? نه ته تعميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ۾ گ??يل تعاون جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.