ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪ??مت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن ??ي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا ??اڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي وين??ي. ??ن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تح?? مالي مدد جي معاشري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪ??مت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪ??مت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تح?? اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تح?? مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا ??يا ??ڃن، نيا ??اڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.