اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو سبب فلور ملن کي ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ آهي، سنڌ ۽ پن??اب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ ٿي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هو غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ??فا??ي وزير سيد فخر امام سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ??فا??ي وزير شبلي فراز چيو ته پن??اب حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ سان گڏوگڏ وقت سر فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪئي آهي ان لاءِ پن??اب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏي آهي جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن سال پن??اب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ٿي آهي، ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي.