اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائ?? چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سم??رن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزير?? عيدالاضحيٰ جي مناسبت سا?? عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جان??رن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سم??رن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جان??رن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.