اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مالي سال 21 – 2020ع جي لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، قرض وٺڻ جو ڪو شوق نه آهي، ماضي جي حڪومتن جي قرضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ نوان قرض ورتا پيا وڃن، نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائين?? تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائين?? تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، سيمنٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 25 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، تعميرات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح بدستور 30 رپيا في ليٽر آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر جي چيئرپرسن ڊ??ڪٽر نوشين جاويد امجد، ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪا??ران بلوچ ۽ ايف بي آر جي لينڊ روينيو ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور سان گڏ بجيٽ پريس ڪا??فرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي شروعات ۾ ئي ماضي جي حڪومتن پاران ورتل 30 هزار ار?? رپين جي قرضن کي منهن ڏيڻو پيو هو، موجوده حڪومت پهرين سال ۾ 5 هزار ار?? رپين جو ٻاهريون قرض ادا ڪيو، جاري مالي سال ۾ 2700 ار?? رپين جي ٻاهرئين قرضن جي ادائگي ڪئي وئي، حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي انهن معاملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جو ڪل ريسورس بجيٽ 2000 هزار ار?? رپيا هجي ۽ اسان قرضن ۽ وياج جي ادائگي ۾ 2700 ار?? واپس ڪري رهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اها حڪومت جي وڏي ڪا??يابي آهي.