اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته صنعتي عمل جو فروغ ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن آساني فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ ۾ ڪورونا سبب متاثر صنعتي شعبي جي بحالي ۽ فر??غ، حڪومت طرفان ڏني ويندڙ سبسڊي جي بهترين ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي پوندڙ غير ضروري حڪومتي خرچن جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي به خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صوبن جي مشاورت سان ترقياتي خرچن جي حوالي سان ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايندڙ مالي سال جي تجويز ڪيل بجيٽ جي حوالي سا?? اعليٰ ??طحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.