اسلام آباد – 02 جو?? (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پلان ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي ا?? سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي ا?? سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر ج?? وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي ا?? سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.