اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپار سميت سياحت، دفاع ۽ انفراسٽرڪچر جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون، معاهدن، پروٽوڪول ?? مفاهمت جي يادداشتن جي 13 دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون، تعاون جي دستاويزن جي صحيح جي تقريب ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وزيراعظم عمران خان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي، ٻنهي اڳوڻن ترڪ وفد ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي وچ ۾ صحيحن جي تقريب جو مشاهدو ڪيو.