شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چيني صدر شي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جد??د زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جد??د فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني و??د سان گڏ چين جي تاريخ?? ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخ?? ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.