ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام ج?? آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنداسين. اها ڳالهه هن اطلاعات واري صوبائي نگران وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات وارن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام ج?? آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آه?? ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آه??، اسان جي ڪوشش آه?? ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آه??، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آه?? ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آه??ون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آه??، نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگران وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪري رهي?? آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آه??، توهان ايترو دوست وزيراعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.