GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو

image

اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، وقتي صدر، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي محمد شهباز شريف کان وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ڪالهه سومر ڏينهن ئي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محمد نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي. شهباز شريف ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ سندس ڪيريئر تمام شاندار اهي، جيڪو چار ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سندس عوامي خدمتن جو ڪيريئر 1985ع ۾ بطور صدر لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کان شروع ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي پيروي ڪندي عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، ان اسيمبلي کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي 1990ع ۾ تحليل ڪيو ويو. 93 – 1990ع دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير چونڊيو. اها به اسيمبلي 1999ع ۾ تحليل ڪئي وئي. پنجاب حڪومت پي ايم ايل اين جي مرڪزي حڪومت سان گڏ ئي ختم ڪئي وئي. ان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جبري جلاوطن ڪيو ويو. محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيون ڀيرو پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي پي ايم ايل اين وڏي مينڊيٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ آئي. هو صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي طور هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو. شهباز شريف 2018ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ پڻ وڙهي، عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو، شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. جنهن کانپوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو. شهباز شريف هڪ متحرڪ ليڊر آهي جيڪو پنهنجي مضبوط ۽ بهترين ايڊمنسٽريشن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. کيس متحده اپوزيشن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو، نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار آهي.

مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں