اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر ق??بو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪومت پاران ??ڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجل?? جي بلن، پاڪستان ??ي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان ??ورتحال مان ??رخرو ٿي اسان ??ڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اسان ??تحاد ۽ يڪجهتي سان گڏجي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺيون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سوال به اٿاريا.