اسل??م آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جنگ پنگ کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪرونا وائرس سبب پيد?? ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ چين جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي طرفان مڪمل يڪجهتي ??و اظهار ڪيو، وزيراعظم ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ قيمتي جاني نقصان تي چين جي صدر سان دلي همدردي ??و اظهار ڪيو ۽ ڪرونا وائرس جي روڪٿام ۽ ضابطو آڻڻ لاءِ ??ين طرفان ڪيل اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.