اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪ??ائ?? يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپ??ل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ??يو.