اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي گورنرن کي پاڪست??ن سٽيزن پورٽل جي ذريعي صوبن ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي ازالي جي نظام جو جائزو وٺڻ جي ذميداري سونپي ڇڏي، ان حوالي سان هدايتن تي منظم طريقي سان عملدرآمد لاءِ سينئر سطح جي فوڪل پرسن کي نامزد ڪيو ويندو جيڪو پرائم منسٽر ڊليوري يونٽ/ وزيراعظم آفيس سان رابطي ۾ رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب آڪٽوبر 2018ع کان، پاڪست??ن سٽيزن پورٽل (پي سي پي) سڄي ملڪ ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سڀني کان قابل اعتماد ذريعي طور سامهون آيو آ??ي، ان پليٽ فارم ??ام ماڻهو کي صحيح معنيٰ ۾ بااختيار بڻائيندي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آواز فراهم ڪيو آ??ي، آسان پهچ وقت ??ر ازالي ۽ شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ شفافيت سان عوامي اعتبار ۽ اعتماد حاصل ڪيو آ??ي، ٻن سالن ۾ 30 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن (125،000 ماهوار) ??ن سسٽم تي عوام جو بي حد اعتماد ظاهر ڪري ٿو