اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان تح??يڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف ب??ائ?? لاءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ ??جهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت ه??ندي، ان مان خبر پوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تح??يڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ ??ڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت ه?? چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني ب??ائ?? سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ ??جهڻ ۾ آساني ٿيندي.